اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته جڏهن حڪومت اقتدار ۾ آئي ته بحرا?? جي ڪيفيت هئي، ٻاهرين ۽ اندروني خسارو بلند ترين سطح تي هو، گذريل پنج سال?? جي دوران روانگي واپار جي واڌ جي شرح ٻڙي هئي. وزيراعظم عمران خا?? جي قيادت ۾ وفاقي حڪومت پائيدار اقتصادي ترقي جو فيصلو ڪيو جنه?? جي نتيجي ?? ٻاهريون واپاري خسارو 20 ارب ڊالر کان 3 ارب ڊالر تائين گهٽ ڪيو ويو آهي، اقتصادي بحران جو هڪ ٻيو سبب حڪومت جي وڌندڙ خرچا ه??ا، حڪومت گذريل ٻن سالن دوران خر??ن تي سختي سان ڪنٽرول ڪيو آهي، ڪابينا جي ميمبرن جون پگهارون، ايوان صدر ۽ وزيراعظم جي خرچن ۾ گهٽتائي کانسواءِ فوج ۽ سول بجيٽ کي گهٽ ڪيو يو تنهن هوندي به ترقياتي خرچن ۾ اضافي جو عمل جاري آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سال?? جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وائرس جي وبا جي دوران درپيش چئلينجز جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته وبا سان عام ماڻهو جي زندگي متاثر نه ٿئي، ان حوالي سان حڪومت 1240 ارب روپين جو پيڪيج ڏنو جنهن جا ڪيترائي حصا آهن، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ه?? سال دوران اڌ ٿي چڪا ه??ا ۽ ڊيفالٽ جو خطرو هو، حڪومت جي اقتدار ۾ ايندي ئي ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ ۽ بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي.