اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هڪ دفعو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ت?? هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي جو مرتڪب ٿيڻ تي ڀارت جو گهيراء ڪري، جمعي ڏينهن تشدد جو شڪار ٿيندڙن جي حمايت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄوڪي ڏينهن هو عالمي برادري کي اپيل ڪري ٿو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي ڪندڙ ڀارت جو گهيراء ڪيو وڃي، جيڪو عورتن، ٻ??رن ۽ جوانن تي پيلٽ گن جو استعمال ڪري رهيو آهي، جنسي حملن جو ڏوهه ڪري رهيو آهي ۽ بجلي جي جهٽڪن سان کين موت جي نن?? سمهارڻ سميت ان تي بدترين ذهني ۽ جسمان?? تشدد ڪري رهيو آهي.