اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته ??هي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ نه رڳو عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوششن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن پر عوام کي حفاظتي تدبيرون اخت??ار ڪرڻ جي پڻ ترغيب ڏين ته ??يئن هر طبقي کي رليف ڏيڻ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي موثر طريقي سان رو??ي سگهجي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ??ميني حقيقتن خاص طور ت?? معاشي حالتن ۽ عام ماڻهو جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي حڪومت اهو فيصلو ڪيو آهي ته ??يندڙ ڏينهن ۾ لاڪ ڊائون ۾ آهستي آهستي نرمي ڪئي ويندي جڏهن ته هر شعبي جي لاءِ حفاظتي قدمن تي ٻڌل ٺوس ايس او پيز ت??ار ڪيا ويا آهن جن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ عوامي نمائندا متحرڪ ڪردار ادا ڪن.