ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنياد?? تي قدم کڻي رهي آهي، حڪومت ڪاروبار دوست پاليسين ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪري ملڪ ۾ نجي شعبي جي ترقي يقيني بڻائي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شر??ف سان چيئرمين ابوظهبي فنڊ فار ڊيولپمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل محمد سيف السُويدي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم حڪومت پاران معاشي استحڪام جي لاءِ سڌاراجاتي قدم?? تي روشني وڌي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪ?? تي ٻڌل آهن، گڏيل عرب امارات جي قيادت خاص طور تي شيخ محمد بن زيد النهيان جا ٿورائتا آهيون جنهن سدائين پاڪستان جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي. هن چيو ته حڪومت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنياد?? تي قدم کڻي رهي آهي، حڪومت ڪاروبار دوست پاليسين ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن کي سهولت ڏئي ملڪ ۾ نجي شعبي جي ترقي يقيني بڻائي رهي آهي. هن چيو ته اماراتي ڪمپنين جي پاڪستاني ڪمپنين سان تعاون سان ٻن??ي ملڪن جي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ملاقات ۾ وزيراعظم ابوظهبي فنڊ?? فار ڊيولپمينٽ جي وفد کي پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني.