اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي نئين چونڊيل صدر سرمد علي ۽ سوسائٽي جي ٻين عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي ڌار ڌار مبارڪباد وارن پيغامن ۾ هنن نئين چونڊيل صدر سرمد علي، سينئر نائب صدر جميل اطهر، نائب صدر شهاب زبيري، سيڪريٽري جنرل نظافرين سهگل لاکاڻ??، جوائنٽ سيڪريٽري محسن بلال، فنانس سيڪريٽري اويس خوشنود ۽ ٻين چونڊي?? عهديدارن کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. هنن چيو ته انهن جي چونڊ انهن جي قائداڻي صلاحيتن تي صحافي برادري جي اعتماد جو ??بوت آهي. اسپيڪر ۽ وقتي اسپيڪر جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام جي لاءِ اظهار ??اءِ جي آزادي ضروري آهي. هنن ان اميد جو ??ظهار ڪيو ته اي پي اين ايس جي نئين چونڊيل قيادت ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ هڪ فلاحي ۽ راودار معاشري جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ??دا ڪندي رهندي.