اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته الله تعاليٰ جا شڪرگذار آهيون جو وزيراعظم عمران خان فتح ماڻي، نوٽ کي عزت ڏيو جو منهن اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪارو ۽ مخا??ف ڌر جا ارادا هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام ٿيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته عمران خان ٻيهر ثابت ڪيو ته هو ه?? سچو، ارڏو ۽ بهادر قائد آهي جيڪو اصولن تي ٺاهه نه ٿو ڪري. هن چيو ته سمورن پارليامينٽرين خاص طور تي اتحادي پارٽين جي ميمبرن جا ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي، ??وش??الي ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ حتمي هدف حاصل ڪرڻ تائين سک سان نه ويهنداسين، قوم جي اميدن تي پو??و لهنداسين انشاءَ الله.