اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ملڪ جي سمورن علائقن جي هڪ جهڙي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ گلگت ۾ صوبائي ڪابينا جي ميمبرن کي خطاب ڪندي هن گلگت بلتستان ۾ ٺهندڙ نئين حڪومت کي مبارڪباد ڏني ۽ علائقي جي ترقي ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر چيو ته گلگت بلتستان انتهائي خوبصورت علائقو آهي، هتي سياحت سمي?? ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جا قدم کنيا وڃن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان گلگ?? ايئرپورٽ جي توسيع جي حوالي سان هڪ منصوبي تي غور ڪري رهيو آهي جنهن جو ڊرافٽ گلگت بلتستان حڪومت سان شيئر ڪيو ويندو.