لاهور – 15 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب ۾ زرعي پيداوار جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ ويليو??ين جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان احمد بوزدار، صوبائي وزيرن سيد حسين گرديزي، محمد سبطين خان، وڏي وزير جي اطلاعات بابت خا?? مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ ٻين اعليٰ عم??دا??ن شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه زرعي پيداوار ۾ وزيراعظم جي ويزن موجب اضافي ۽ ويليو چينز جي فروغ جي حوالي سان تجويزن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي آبادگارن جي مالي مد?? جي لاءِ آبادگار ڪارڊ جاري ڪرڻ تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پنجاب حڪومت زرعي پيداوار جي صلاحيت ۽ معيار کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ هر زرعي پروڊڪٽ جي ويليو ??ين جي لاءِ ڌار ۽ جامع ايڪشن پلان جوڙي.