اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اينٽي ريپ (انويسٽيگيشن اينڊ ٽرائل) آرڊيننس 2020ع ۽ تعزيرات پاڪستان (ترميمي) آرڊيننس 2020ع جي اصولي منظوري ڏيندي عورتن، ٻارن ۽ ٻارڙين سان زيادتي ڪندڙن جي لاءِ سزائن ۽ تشريحات سميت موت جي سزا جي شق شامل ڪري ڇڏي آهي، وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف وار?? وزير کي سرڪاري ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ پارليامينٽ ميمبرن جي مقرري بابت قانونن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان رهنمائي وٺ?? جي هدايت ڪئي، وفاقي حڪومت جي قدمن جي ڪري کنڊ ۽ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ گذريل 10 ڏينهن ۾ لاڳيتو گهٽتائي ٿي رهي آهي، ايمپورٽيڊ کنڊ 68 رپيا في ڪلو ۽ اٽو 40 ڪلو ٻوري جي قيمت 200 رپين تائين گهٽ ٿي آهي، ڪابينا اڪنامڪ افيئرز ڊويزن واري سيڪريٽري کي جي – 20 تنظيم جي 16 ملڪن کان قرضن جي ري شيڊيولنگ جي لاءِ معاهدو ڪر?? جي اجازت ڏني. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير سينيٽر شبلي فراز صنعت ۽ پيداوار واري وفاق?? وزير حماد ??ظه?? ۽ اقتصادي معاملن واري وفاق?? وزير خس??و بختيار سان گڏ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.